Sunday 27 May 2018

کن پل جي ملاقات

راشد شر
       
مون سنڌوءَ کي چيو، “ماڻهو مونکي ملحد ، ڪافر ۽ باغي سمجھندا آهن. پر، اصل ۾ ائين ناهي. ” ڪالھ هڪ ڏينهن لاءِ سنڌو اسلام آباد آئي هئي. جمعي جو ڏينهن هو. موڪل ڏينهن ڪامورن جي شهر اسلام آباد ۾ راڪاس گھمي ويندو آهي. سنڌوءَ چيو، “اسين پپر جي ڇانو ۾ ويهي ڳالهيون ڪنداسين.”
        چيم، “اسلام آباد ۾ پپر ڪونهي.”
        ڪجھ ڪجھ عجب لڳس. چيائين،“ته پوءِ ڪنهن بڙ جي ڇانو ۾ ويهنداسين.”
        چيم، “هتي نه پپر، نه بڙ آهي.”
        چيائين، “ته پوءِ ڪنهن نم جي ڇانو ۾ ويهنداسين.”
        چيم، “پٿرن جي شهر ۾ مون اڄ تائين نم نه ڏٺي آهي.”
        پڇيائين، “ته پوءِ هتي ڇا آهي!”
        چيم، “هتي موسمي گل آهن. وقت جا محتاج آهن. اڄ جيڪي گل ٽڙيا آهن سي سڀاڻي نه ٽڙندا.”
        اسين ويران رستن تي هلندا رهيا سين.
        سنڌوءَ پڇيو، “ڇا سوچيو اٿئي!”
        پڇيم، “ڪنهن جي باري ۾؟”
        چيائين، “پنهنجي باري ۾.”
        چيم، “زندگي تنهنجي ياد جي سهاري گذاري ڇڏيندس.”
        آب پاره وٽان پڪوڙا ۽ ڊبل روٽي ورتي سين. روز گارڊن ۾ ياسمين جي ٻاريءَ وٽ ڇٻر تي وڃي ويٺاسين. سنڌوءَ پڇيو، “سياست جي باري ۾ ڪيئن ٿو ڀانئين!”
        “جاگيردارن، سرمائيدارن، وڏيرن ۽ ملن جي سياست کان مون کي نفرت آهي.” چيم، “منهنجي سياست تون آهين. منهنجو نظريو محبت آهي. منهنجو نظام چاهت آهي.”
        سنڌو کلي پيئي. چيائين، “جاگيردارن، وڏيرن ۽ ملن هٿان مارجي ويندين.”
        “تنهنجي راھ ۾ مرڻ سعادت، تنهنجي لاءِ مرڻ شهادت آهي.” چيم، “عشق جي علم کي کنهنبو رکڻ لاءِ تاريخ جي هر دور ۾ مان تنهنجي لاءِ مرندو رهيو آهيان، سنڌو.”
        سنڌوءَ بيحد پيار وچان چيو، “تون چريو آهين.”
        چيم، “ان الزام جي مون ڪڏهن به ترديد نه ڪئي آهي.”
        “خبر اٿئي!” سنڌوءَ چيو، “تنهنجي اڻميي پيار کان ڪڏهن ڪڏهن مان ڊڄي ويندي آهيان.”
        چيم، “تڏهن ته توکان پري ٿي ويو آهيان.”
        پڇيائين، “ظاهري قربت کي اهم ٿو سمجھين!”
        چيم، “پاڻ کي پرچائڻ خاطر ائين چيو اٿم. منهنجي محبت وڇوڙن ۾ آسمان جي وسعتن کان وڌي ويئي آهي.”
        ڪجھ دير کان پوءِ شڪر پڙيان ڏانهن ويندي، سنڌوءَ چيو، “گذريل مهيني مان ڪراچي ويئي هيس.”
        مون حسرت وچان کانئس پڇيو هو، “اُهي رستا، اُهي گھٽيون ۽ اُهي چوواٽا ڪيئن هئا، جتي تون ۽ مان محبت لاءِ نئين دستور جي تلاش ۾ رلندا هئاسين!”
        سنڌوءَ چيو، “ڪجھ نه بدليو آهي، فقط وقت اسان کي پٺتي ڇڏي ويو آهي.”
        شام جو کيس مان اسٽيشن تي ڇڏڻ ويس. هوءَ دريءَ تي منهن رکي مون ڏانهن ڏسندي رهي. نه هن ڳالهايو ۽ نه مون. هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين. اسين محبت ۾ ان مقام تي وڃي پهتا آهيون، جتي ڪڏهن ڪڏهن اندر جي اڌمن جي اظهار لاءَ لفظن ۽ جملن جي ضرورت نه پوندي آهي. سگنل ٿيو، گاڏي چرڻ لڳي. سنڌوءَ دريءَ مان پنهنجو هٿ وڌايو. سندس هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيم، “مون چاهتن جي چائنٺ تي سجدو ڪيو آهي سنڌو. اُها محبت، جيڪا عبادت جي سرحدن کان اڳتي نڪري ويندي آهي، سا محبت ابدي هوندي آهي، لازوال هوندي آهي.”
        گاڏيءَ جي رفتار وڌي ويئي. هٿُ هٿَ کان ڌار ٿي ويو.

Saturday 26 May 2018

هوءَ منهنجي پهرين دعا آهي

راشد شر

        رڪارڊنگ ختم ڪري اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪتس. هر ڪو وڃي چڪو هو. يونيورسٽي خالي ٿي ويئي هئي. 
ڪاريڊار لنگهي ٽيڪنالاجي بلاڪ مان ٻاهر نڪتس ۽ پورچ وٽ تعجب وچان بيهي رهيس. اکين کي اعتبار نه آيو. مان گلاب ۽ زينيا ۽ ٻاري ڏانهن ڏسندو رهيس. نه نه ائين ممڪن نه آهي! مان ست اٺ ڪلاڪ مشينن سان مٿو هڻندو رهيو آهيان. شايد ٿڪجي پيو آهيان. جيڪي ڪجھ ڏسي رهيو آهيان، منهنجي تصور جو گمان آهي. ان جو حقيقت سان ڪوبه واسطو نه آهي!
        تڏهن مون سنڌوءَ جو آواز ٻڌو. چيائين، “مان خواب نه آهيان.”
        تڏهن يقين آيم ته هوءَ سچ پچ سنڌو هئي ۽ مونکي اطلاع ڏيڻ بنا مون سان ملڻ آئي هئي.
        ماڻهو خزائن جي خواهش ڪندا آهن. عمارتن ۽ امارت جي آرزو ڪندا آهن. عيش عشرت جي تمنا ڪندا آهن. مان جڏهن به دعا لاءِ هٿ کڻندو آهيان، تڏهن سرجڻهار کان هڪ گھڙي لاءِ سنڌوءَ کي ڏسڻ جي دعا پنندو آهيان. هوءَ منهنجي پهرين دعا آهي. هوءَ ئي منهنجي آخري دعا آهي.
        سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين!”
        چيم، “اکين تي اعتبار نه ٿو اچيم.”
        چيائين، “ٽن ڪلاڪن کان تنهنجي اسٽوڊيو جي ٻاهران بيٺي آهيان.”
        “ٽن ڪلاڪن کان!” چيم، “بنڊل ته نه پئي هڻين!”
        وراڻيائين، “توکي بنڊل نه، بم هڻي سگھجي ٿو.”
        چيم، “اڙي بابا، تون مون کي اطلاع ته ڪرائي ڇڏين ها!”
        سنڌوءَ چيو، “اطلاع ڪيئن ڪرايان ها. تو هڪ ته خاموشي جو بورڊ هٽائي ڇڏيو آهي. مٿان وري صحتمند چوڪيدار بيهاري ڇڏيا اٿئي. سو اسٽوڊيو ۾ ته جيڪر فرشتا به توکي اطلاع نه ڏيئي سگھن ها!”
        پڇيومانس، “منجھند جي ماني کاڌي اٿئي؟”
        چيائين، “يونيورسٽي ڪينٽين تان سڙيل ڪباب وٺي کاڌا اٿم. هينئر بک ڪونهي.”
        “ته پوءِ هل.” چيم، “ڪٿي چانھ ٿا هلي پيئون.” اسين يونيورسٽي کان زيروپوائنٽ تائين پنڌ نڪري پياسين. واٽ تي کانئس پڇيم، “ڪيئن آئي آهين!”
        منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، “جيئن به آئي آهيان، پر بنا ٽڪيٽ نه آئي آهيان.”
        پڇيم، “ڪڏهن آئي آهين.”
        چيائين، “هينئر آئي آهيان ۽ توسان وڙهڻ آئي آهيان.”
        جھڪي، سڙڪ تان پٿر کڻي کيس ڏنم. چيم، “هڻ.” پٿر وٺي پري اُڇلائي ڇڏيائين. چيائين، “تون چريو ته نه ٿي پيو آهين!”
        چيم، “مان سڄو ڪڏهن هوس!”
        “مان مجبور آهيان، پابندين ۾ جڪڙيل آهيان.” چيائين، “تون ابتيون سبتيون حرڪتون ڪندو آهين، ته خبر اٿئي مان ڪيڏين مصيبتن کانپوءِ ڪوٽن مان ڪجھ دير لاءِ نڪري سگھندي آهيان.”
        حيرت وچان پڇيم، “ڪا حرڪت ڪئي اٿم.”
        “ڪا اهڙي تهڙي!” چيائين، “اڳ ته ٺٺولين ۽ ٽوڪن کي ڪڏهن هٿ ۾ آڻيندو هئين؛ هينئر ڪهڙي پئي هيئه جو سمجھاڻي وارو سڄو سمورو ڪالم لکي ويٺو هُئين!”
        پڇيم، “تنهنجي خيال ۾ اهو ڪالم نه لکڻ گھرجيم ها!”
        “ان ڪالم جي لکڻ جي ۽ سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.” سنڌو بيهي رهي. مون ڏانهن منهن ڪندي چيائين، “جن توکي اڄ تائين قبول نه ڪيو آهي، برداشت نه ڪيو آهي، سي ان ڪالم کانپوءِ به توکي قبول نه ڪندا، توکي برداشت نه ڪندا.”
        چيم، “شايل تون ٺيڪ ٿي چوين.”
        سنڌوءَ چيو، “دنيا جو ڪهڙو اهو ليکڪ آهي، جنهن کي يڪراءِ قبول ڪيو ويو آهي، يا يڪراءِ رد ڪيو ويو آهي! هر ليکڪ کي محبت ۽ نفرت جي قوتن درميان لکڻو پوندو آهي.”
        “ترس، سنڌو.” مون سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو.
        هوءَ هلندي هلندي بيهي رهي.
        چيم، “مان فقط تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي ڪري لکندو رهيو آهيان. تون منهنجي قوت آهين، طاقت آهين، همٿ آهين. هر محاذ تي وڙهڻ لاءِ منهنجي جذبي جي سچائي آهين. پوءِ مون اهو ڪالم ڇو لکيو هو ان ڪالم لکڻ جي  آخر ضرورت ئي ڪهڙي هئي!؟”
        هڪدم سخت لهجي ۾ چيائين، “دشمنن ۾ پاڻ وڻائڻ جي جستجو.”
        “نه ، نه. ائين نه آهي!” هڪدم چيم، “مون ڪجھ سمجھائڻ ٿي چاهيو.”
        چيائين، “سمجھائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. جيڪڏهن وري سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي ته ما ڪڍنديمانءِ.”
        کلي پيم، چيم، “منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو به لحاظ نه ڪندينءَ؟”

        ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي. پنهنجن وارن ۾ چانديءَ جهڙيون چمڪندڙ چڳون ڏيکاريندي چيائين، “نه.”        

رهجي ويل ڳالهيون

راشد شر
رهجي ويل ڳالهيون
“توسان ڪجھ ضروري ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.”
“ته پوءِ ڪرين ڇو نه ٿو؟”
“ڊڄان ٿو، متان ڪو ٻڌي نه وٺي!”
“هتي مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي.”
        “تون ڀليل آهين، ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.”
“سچ!”
“ها.”
“ته پوءِ اچ ته اول ڀتين جا ڪن بند ڪريون ۽ پوءِ ڳالهايون.”
“مان سمجھان ٿو هيءَ ٽنگ اصل ۾ ڀت جو ڪن آهي.”
“ڏسان! نه نه، اها ٽنگ اصل ۾ ڪني پاڻي جي نيڪالي لاءِ موري آهي.”
“اڇا! لڳي ته بلڪل ڪن جھڙو ٿو.”
“سڀ ٽنگ پهريان ڪنن جھڙا لڳندا آهن، پر ڪن نه ٿيندا آهن.”
“ڀلا هيءَ ٽنگ ڏس ڪن ته ناهي!”
        “نه اهو ڀت جو ڏار آهي.”
        “۽ ڀلا هيءَ ٽنگ؟”
        “ان ٽنگ ۾ منهنجو ڏاڏو گنجي بادشاھ واري دور ۾ سڪا لڪائي رکندو هو. هو جڏهن مري ويو تڏهن اسان ان ٽنگ مان سڪا چورائي ورتا ۽ ٽنگ کليل ڇڏي ڏنو.”
        “ته ان جو مطلب آهي ته هتي توکان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي ۽ ڀتين کي ڪن به نه آهن. تنهنڪري دل جي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي.”
        “ها، هتي دل جي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي.!”
        “الاءِ ڇو ڊڄان  ٿو!”
“ڪا خطرناڪ ڳالھ آهي ڇا؟”
        “ها.”
        “ڪهڙي قسم جي؟”
        “هڪ ڳالھ ناهي! دل جون ڳالهيون آهن.”
“ته پوءِ ڳالهيون ڪرين ڇو نه ٿو؟”
“چيم نه، ته ڊڄان ٿو.”
        “هيئن ڪر مونکي لکي ڏي.”
“اها غلط پاليسي آهي.”
        “ڪيئن؟”
“ڪاغذ ڪنهن کي هٿ لڳي ويو ته پوءِ؟”
“مونتي اعتبار نه اٿئي؟”
“اعتبار جي ڳالھ ناهي. مان اڄڪلھ ڪجھ ڪجھ تدبر کان ڪم وٺڻ لڳو آهيان.”
“۽ اڳ جو چوندو هئين مئي مٿي مهراڻ ۾ پڻ ٽپو ڏيئي!”
“ويل ويئي، ڳالھ ويئي.”
“نظرياتي طرح ڦري ويو آهين ڇا؟”
“ماني ڍوَ تي ۽ موچڙو گھٽ آهي.”
“تنهنڪري تدبر کان ڪم وٺڻ لڳو آهين؟”
“ها.”
“۽ ڳالهيون؟”
        “ڪري ڇڏيوسين؟”
        “خدا حافظ”


        “الله نگھبان.”

موت ۽ محبت

راشد شر

موت ۽ محبت
چنڊ نم جي گھاٽن وڻن مٿان اچي بيٺو. سمورو ٽيرس چانڊوڪي ۾ چمڪي پيو.
سنڌوءَ چيو، “مان جڏهن به ڳوٺ هوندي آهيان، تڏهن چانڊوڪين راتين ۾ کٽ اڱڻ ۾ وجھي، سموري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندي آهيان.”
“۽ مان چانڊوڪين راتين ۾ صدين جا ويراڳ دل ۾ محسوس ڪندو آهيان.” چيم “مان ائين محسوس ڪندو آهيان، سنڌو ڄڻ چانڊوڪي رات ۾ منهنجين تمنائن جا تابوت کڄندا آهن. منهنجو بيچين روح ڪنهن جي ياد ۾ ڪيڏاري جي وائي ورجائيندو آهي.”
“ڪنهن جي ياد ۾؟” سنڌوءَ چيو.
“جنهن کي سنڌ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليم، جنهن جي لاءِ سرگردان رهيم ۽ ڪهاڻين جا سلسله جنهن سان وابسته ڪري ڇڏيم. پر هوءَ نه ملي. هن جي ياد جا زنجير مليا. هن جي ياد جو قيد خانو مليو. تڏهن پاڻ کي اهو چئي پرچايو هوم ته زندگي آدرش جي تصور سان گذاري سگھجي ٿي، پر کيس حاصل ڪري نه ٿو سگھجي.” چيم “جڏهن ڪنهن جي ياد جا زنجير پائي پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيم، تڏهن هوءَ سامهون اچي بيٺي آهي.”
        سنڌوءَ ڪجھ حيرت سان پڇيو. “ڪير آهي، ڪٿي آهي. مونکي نه ڏيکاريندين؟”
چيم، “جڏهن جلادن جو گوليون منهنجو سينو پرڻ ڪري ڇڏينديون، تڏهن به اهو راز منهنجي روح ۾ سانڍيل رهندو.”
پڇيائين، “مونکي به نه ٻڌائيندين؟”
وراڻيم، “منهنجي روح ۾ جھاتي پائڻ کان پوءِ به هوءَ جيڪڏهن توکي نظر نه آئي آهي ته اها منهنجي بدنصيبي آهي، تنهنجي نظر جو دوکو آهي.”
سنڌوءَ ڪرسي تان اٿي ٽرس جي ٻنوڙي وٽ بيٺي. مان کيس ويجهو وڃي بيٺس. چيم، “تو مون کان هڪ دفعي الميي جي باري ۾ پڇيو هو. مون توکي سيفو ڪليس جو الميي جي باري ۾ نظريو ٻڌايو هو، اڄ مان ان ۾ اضافو ڪرڻ چاهيان ٿو. آدرش جو نظرن کان اوجھل رهڻ الميو ناهي. الميه جي شروعات ٿئي ٿي جڏهن آدرش نظرن جي سامهون هجي ۽ کين حاصل ڪري نه سگھجي.
سنڌوءَ پڇيو، “ائين ڇو آهي؟”
وراڻيم، “ان لاءِ ته جيئن غم جو تصور تخليقي عمل کي جنم ڏيندو رهي. فن بنيادي طرح محروميءَ جي احساس مان جنم وٺندو آهي.”
سنڌو ڪجھ دير تائين نه ڳالهايو. سوچيندي رهي. پوءِ ڦري، منهنجي اکين ۾ نهاريندي پڇيائين، “اڳاڻو پنهنجي مرڻ جو ذڪر ڇو ڪيو هيئه؟”
وراڻيم، “مون پنهنجي موت جي باري ۾ جڏهن به سوچيو آهي، تڏهن محسوس ڪيو آهي، ته مان جلاوطنيءَ ۾ مرندس ۽ جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ هوندس ته جلادن جي گولين سان ماريو ويندس.”
        سنڌو اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي. هر انسان پنهنجي وجود ۾ هڪ بيابان کڻي جيئندو آهي. جيئن انسان حِساس تئين اهو بيابان وڏو ۽ بي انت هوندو آهي. سنڌو بيحد حساس آهي. هوءِ ڳالهائيندي ڳالهائيندي خيالن ۾ گم ٿي ويندي آهي. ذهن جي بيابان ۾ ڀٽڪڻ لڳندي آهي. اُن وقت هوءَ بيحد اداس لڳندي آهي. مون کيس سڏ ڪيو، “سنڌو.”
        “هون!” هن ڇرڪ ڀريو. پوءِ هڪدم پاڻ سنڀالي کلي پيئي. موٽي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي، چيائين، “اچ ته عام ڳالهيون ڪريون. اجايو سيريس نه ٿيون.”
“تون شروعات ڪر.”
“ٻڌاءِ ته سنڌ جي عورت کي ڪهڙا ڪپڙا پائڻ گھرجن؟”
“اهڙا ڪپڙا، جيڪي کين خندقن ۾ ويهي وڙهڻ ۾ رنڊڪ نه وجھن.” چيم، “اڳتي هلي سنڌ جي عورت کي اهڙا ڪپڙا پائڻا پوندا، جيڪي کين جھر جھنگ ۽ لوهي تارن مان لگھندي اٽڪ نه ڪن.”
سنڌوءَ جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي چيائين، “اڍائي هزار سال اڳ مليٽس طرفان لڳايل الزامن جي جواب ۾ سقراط جيڪا تقرير ڪئي هيئ، سا کيس موت جي سزا کان بچائي نه سگھي هئي.”

هن چنڊ کي پٺي ڏيئي اونداھ ڏانهن منهن ڪري ڇڏيو.