Friday 28 September 2018

آئينو ۽ عڪس

راشد شر

اڄ ورهين کانپوءِ مون آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏٺي آهي. آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي مون کي تعجب ٿيو آهي.
        هيءُ ڪنهن جو عڪس آهي!
        مٿي جا وار کٿل، ڏاڙهيءَ جا وار اڌ کان وڌيڪ اڇا، اُداس اکين هيٺان گھنج ۽ نرڙ تي سوچ جي ريکا! بدن ڀريل ۽ ڏسڻ ۾ طاقتور اٿس، پر سڪل شاھ بلوط جي ٿڙ وانگر اندران ئي کاڄي ويو اٿس. هو وقت جي جبل آڏو هيڪلو بيٺو آهي. هٿ ۾ ٽيڪم اٿس. هو فرهاد وانگر وقت جي جبل مان نهر ڪڍي پنهنجي شيرين کي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي. هو خوابن جو مسافر آهي. وقت جي جبل مان نهر ڪڍي نه سگھيو ته ٽيڪم سان آپگھات ڪري ڇڏيندو!
        ٻارنهن سالن جي ان ڇوڪري جو عڪس ڪيڏانهن ويو، جنهن اين جي وي هاءِ اسڪول جي پريڪٽس پچ تان پهرين ڏينهن جڏهن بال کي بيٽ سان ڌڪ هنيو هو ته بال پارسي ڪالونيءَ جي ماما هوم جي روشندان سان وڃي لڳو هو! اهو ڇوڪرو ڪيڏانهن ويو، جيڪو پڙهڻ طرفان لاپرواھ هئڻ جي باوجود سنڌ جي نامياري ماهر تعليم ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سائين عبدالحسين شاھ موسويءَ جو لاڏلو هو! اهو ڪارو ڪوجھڙو ڇوڪرو ڪيڏانهن ويو جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ٿيو ۽ اسڪول جي سڀ کان سهڻي ڇوڪريءَ سان سنگ مرمر جي ڏاڪڻ تي ويهي ڇولا کائيندو هو!
        ڊي جي سائنس ڪاليج جو اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو جنهن کي پائليٽ ٿيڻ کان روڪيو ويو ته گھر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ وڃي نوابشاھ کان نڪتو! اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو جيڪو اوچتو ئي اوچتو ادب جي اوڙاه ۾ ڪاهي پيو. گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو ۽ افسانا لکندو هو!
        اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ کلندو هو ۽ سڀني کي کلائي سگھندو هو. يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو. افسانن سان گڏ اسٽيج ڊراما لکندو هو. ڊراما ڊائريڪٽ ڪندو هو!
        اهو نوجوان ڪيڏانهن ويو، جنهن لکڻ خاطر ڪرڪيٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو هو. هن زندگيءَ جو هڪ هڪ لمحو لکڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو ورهين تائين لائي ڪٿي لڪندو رهيو ۽ گمنام رهيو. پوءِ کيس مڪمل آزاديءَ سان لکڻ جا ايترا موقعا مليا، جو هو جڏهن شايع ٿيڻ شروع ٿيو ته سڀني کي اوپرو اوپرو محسوس ٿيو. هن پاڻ ماحول ۾ گھُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪئي هئي.
        انهن ئي ڏينهن ۾ هن آرٽس ڪائونسل جي هڪ ٺلھ وٽ سنڌوءَ جو سانورو هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ جھلي وچن ڏنو هو ته لکندو رهندس. توکي ڏنل وچن پاڙيندو رهندس. ڌرتيءَ جو قرض لاهيندو رهندس.
        ورهيه وهامي ويا آهن. ان ڳالھ کي! هو پوڙهو ٿي ويو آهي. هو اڄ به ڏنل وچن جي تقدس جو پابند آهي. هو لاڳيتو لکي رهيو آهي. وقت جي جبل ۾ ٽيڪم هڻندي هڻندي هو جڏهن ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن سنڌو هن وٽ هلي ايندي آهي. کيس پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. هو سنڌوءَ جي هنج ۾ منهن لڪائي سڏڪن ۾ چوندو آهي، “مان توکان سواءِ اڻپورو آهيان، سنڌو. مان توکان سواءِ اڻسونهون آهيان. مڪمل نه آهيان. مان توکان سواءِ وقت کان اڳ مري ويندس.”
        سڌو سندس منهن هٿن ۾ جھلي، پنهنجا لڙڪ لڪائي چوندي آهي، “مان جتي به آهيان، جھڙي به حال ۾ آهيان، مان تنهنجي آهيان.”
        هو تڏهن سنڌو جي مقدس پير مان پڻي کڻي مٿي تي مٽيءَ جو محراب ٺاهي ڇڏيندو آهي.

        هو آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي رهيو آهي. هن جي مٿي تي مٽيءَ جو محراب ٺهيل آهي. هو ڏنل وچن جي تڪميل لاءِ لکي رهيو آهي. وقت جي جبل مان نهر ڪڍڻ لاءِ لکي رهيو آهي.

خاموشي

راشد شر

سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويٺو هوس، خاموش ۽ ماٺ ماٺ! جڏهن پاڻ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪجھ نه هوندو آهي، تڏهن اسين ڳالهائيندا آهيون ۽ جڏهن ڳالهائڻ لاءِ گھڻو ڪجھ هوندو آهي، تڏهن اسين ڪجھ نه ڳالهائيندا آهيون. هڪٻئي جي سامهون هوندي به چپ چپ رهندا آهيون! ان ڏينهن به اسين چپ چپ هئاسين. چپ ان ڪري هئاسين، جو ڳالهائڻ لاءِ سمورو ماضي، حال ۽ مستقبل اسان جي وجود ۾ اٿلڻ لاءِ ماندو ٿي رهيو هو. مان سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويٺو هيس. سنڌوءَ جي قرب ۾ منهنجي لاءِ اها ئي مناسب جاءِ هئي ۽ اها ئي منهنجي جاءِ آهي.
        مون سنڌوءَ کي چيو، “منهنجيون ٻه تمام ننڍڙيون ۽ معمولي تمنائون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون.”
        سنڌوءَ منهنجيءَ پيشانيءَ تان وار پري ڪندي پڇيو، “ڪهڙيون ٻه تمنائون؟”
        ماڻهو مونکي سنگدل سڏيندا آهن پر توکي خبر آهي، مون کي خبر آهي ته مان سنگدل نه آهيان.” سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيم، “سنڌو دل چاهي ٿي تنهنجي هنج ۾ منهن لڪائي، سڏڪا ڀري ڀري روئي پوان. ڄاڻان ٿو، منهنجي اها تمنا پوري نه ٿيندي.”
        منهن تي اروڙ جھڙي اُداس مرڪ تري آيس. چيائين، “تون چريو آهين.”
        “چاهڻ وارا ۽ چاهتن ۾ مرڻ وارا ائين هوندا آهن، جيئن مان آهيان.”
        چيم، “مون کي ظاهري طرح ويجھو هوندي، تون مون کان پري آهين. مون کي تنهنجي هنج نصيب نه ٿيندي.”
        سنڌوءَ ڪجھ نه چيو، وياڪل ٿي پيئي.
        “مان تنهنجو هوس، تنهنجو ئي رهندس، توکان سواءِ مان بي معنيٰ آهيان.” سنڌوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيم، “چاهيان ٿو، ساهن جو سلسلو ختم ٿي وڃي، مان تنهنجن قدمن ۾ خاموشيءَ سان دم ڏيئي ڇڏيان. توکان جدا ٿي مرڻ مون کي گوارا نه آهي. مان تنهنجو آهيان. تو وٽ مرڻ جو خواهشمند آهيان. پر مون کي خبر آهي، منهنجي اها تمنا به پوري نه ٿيندي.”
        “مون سان جيڪي ڳالهائيندو آهين، سو لکي ڇڏيندو آهين.” سنڌوءَ چيو، “تنهنجين تحريرن سبب مايوسي پکڙجي رهي آهي.”
        “مان تنهنجي راءِ سان متفق نه آهيان سنڌو.” چيم، “تون جنهن کي مايوسي سمجھي رهي آهين، سا اسان جي جاڳرتا آهي.”
        هن ڪجھ نه چيو.
        مون ڳالهايو، “تون اٽل آهين. تون عظيم آهين. تنهنجو وجود ازل ۽ ابد جي پابنديءَ کان آزاد آهي. مان هڪڙي ڏينهن سڪل پن وانگر طوفانن ۾ رلي ويندس. وقت جي قدمن ۾ چيڀاٽجي ويندس.”
        سنڌوءَ چيو، “تون بهادر آهين. جدائيءَ ۾ جيئڻ تنهنجي لاءِ عذاب سهي، پر تون ان عذاب جي درد کي برداشت ڪري ويندين. اهو تنهنجي لاءِ ممڪن آهي.”
        سنڌوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيم، “تو کان جدا ٿي مان ڊهي ويندس، يا ٺهي پوندس.”
        اکين مان بيچيني ليئا پائڻ لڳس.
        “زندگيءَ ۾ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن ڪو احساس بي معنيٰ هئڻ جي باوجود با معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.” سنڌوءَ چيو، “ٿي سگھي ٿو، جدائي تڏهن تنهنجي لاءِ بامعنيٰ ٿي پوي!”
        “منهنجي لاءِ اهو احساس ڪافي آهي ته مان تنهنجو آهيان ۽ توکان سواءِ ڪنهن جو ٿي نه سگھندس.” سنڌوءَ جي گوڏي تي مٿو ٽيڪيندي چيم، “منهنجي دل جي دنيا تنهنجي ياد جي خوشبوءِ سان واسيل رهندي.”

        ۽ پوءِ اسين خاموش ٿي وياسين. هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين.